رانءِ جھانءِ

رانءِ جھانءِ (رسم): هيءَ هڪ رسم آهي، گھوٽ کي ڏانوڻ ڏائڻ کانپوءِ زالون، رانءِ جھانءِ جو ساٺ ڪنديون آهن. هي ساٺ گھوٽ جي ڀيڻ سان ڪنديون آهن. جيڪڏهن ڀيڻ نه هجي ته پوءِ گھوٽ جي ٻئي ڪنهن ويجھي عزيزياڻيءَ سان ڪنديون آهن. اها مائي ڪلهن تي هٿ رکي بيهندي آهي، پوءِ سندس وات ۾ کارڪ وجهي، کيس پاڻيءَ جو ڍُڪ پيارينديون آهن. کيس اهڙا ست ڍڪ ڀرائبا آهن. هيءَ رسم سنڌ سميت ڪيترن علائقن ۾ ادا ڪئي وڃي ٿي.


لفظ رانءِ جھانءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو